اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) ناڻي ??ارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ جي ڌرين جي 29 ھين ڪانفرنس (ڪوپ 29 ) ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جي گادي واري شھر باڪو روانو ٿي ويو آھي. ناڻي ??اري وزارت طرفان جاري بيان مطابق پنھنجي دوري دوران ناڻي ??اري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪوپ 29 ھين ڪانفرنس دوران اع??يٰ سطحي ويهڪن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان کان سواءِ ناڻي ??ارو وزير ڪانفرنس ۾ قائم پاڪستان پويلين ۾ م??عقد تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. سرحدي مارڪيٽن ۾ م??امي ماحولياتي ڪارروائي ۽ بصيرت فنڊ جاري ڪرڻ جي موضوع تي منعقد تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. ناڻي ??ارو وزير پاڪستان پويلين ۾ نيشنل ڪلائميٽ فنانس اسٽريٽجي جاري ڪندو. ناڻي ??ار وزير، منصوبا بندي واري وزارت جي انتظام ھيٺ ”ڪلائم??ٽ ريسپانسو پبلڪ انويسٽمينٽ“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ پينل مباحثي پڻ شريڪ ٿيندو. ناڻي ??ارو وزير ڪاريڪ پارٽنرشپ فار ڪلائميٽ انوويشن اينڊ ٽريڊ جي موضوع تي اع??يٰ سطحي ويهڪ ۾ پڻ شريڪ ٿيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ناڻي ??ارو وزير پنھنجي خطابن ۽ ڳالھين ۾ م??سمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل نقصان، موافقت، گهٽتائي ۽ لاڳو جي رخن تي ھاڪاري ۽ متوازن اڳڀرائي جي اھميت کي اجاگر ڪندو، ناڻي ??ارو وزير اسرندڙ ملڪن کي درپيش موسمياتي مسئلن جي حل لاءِ اڳڪٿي ۽ توقع جي بنياد تي فنانسنگ جي ضرورت تي زور ڀريندو. ناڻي ??ارو وزير پنهنجي تقريرن ۾ م??سيماتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي تاريخي ذميواري جو احساس ڏياريندو. برابري، حصيداري سان گڏوگڏ فرق تي ٻڌل احساس سان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي اصول جي اهميت واضح ڪئي ويندي، ترقي يافته ملڪن مان نقصان ڏيندڙ گئسن جي خارج ٿيڻ تي وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. وطن واپسي تي ناڻي ??اري وزير آءِ ايم ايف وفد سان الوداعي گڏجاڻي ڪندو.