اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب روينيو موبلائزيشن انويسٽمينٽ ۽ ٽريڊ پروگرام (ريميٽ) تي مجموعي اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي مختلف شراڪتدارن کي پروگرام تحت حتمي نتيجن جي ??وري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ فعال ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ??دايت ڪئ?? آهي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن هتي ريميٽ پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئ??. ڪميٽيءَ جي اجلاس جو مقصد ڪميٽيءَ جي گذريل اجلاس ۾ محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ??احول، واپار ۽ ڪلي معيشت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ هو. پاڪستان ۾ برطانيه جي ??اءِ ڪمشنر جين ميريٽ، مختلف حڪومتي وزارتن جي اعليٰ اختيارين جن ۾ منصوبا بندي وزارت، ناڻو، واپار، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر ۽ ريميٽ جي عملدرآمدي شراڪتدارن، عالمي بئنڪ، جي سي ايس آءِ ۽ اي ايس آءِ شامل هئا، انهن شرڪت ڪئ??. اجلاس ۾ مختلف شعبن خاص ڪري محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ??احول، ملڪي معيشت ج?? گورننس، واپار ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبي ۾ شراڪتدارن طرفان ڪيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان اڳڀرائيءَ جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۽ پائيدار ۽ جامع ترقيءَ لاءِ سازگار حالتون فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير پروگرام تي مجموعي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئ?? ته هو پروگرام تحت حتمي نتيجن جي ??وري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ سرگرم ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪن.