لاهور-03 نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪ??ري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪاروب??ري ۽ واپ??ري برادري کي خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل جي ون ونڊو آپريشن ذريعي بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيرا??ظم محمد شهباز شريف برطانيه جي بااثر ۽ مشهور ڪاروب??ري شخصيتن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن زبير عيسيٰ جي سربراهي ۾ آچر ڏينهن لاهور ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئ??. وفد ۾ برطانيه جون نامياريون ڪاروب??ري شخصيتون شامل هيون. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان تازو ئي ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن ٿي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي. وزيرا??ظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ح??ال?? سان تعاون جون نيون راهون ڳولهڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. وفد ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ تي وزيرا??ظم جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئ?? ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو.