اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبل??ءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته منهنجي انٽرويو کي هڪ اخبار ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، اسان سمورن ??جن جو احترام ڪريون ٿا، غلط رپورٽنگ پنهنجي ئي اداري جي ساک کي متاثر ڪري ٿي، ذميداراڻي رپورٽنگ هئڻ گهرجي. قومي اسيمبل??ءَ جي اجلاس جي شروعات تي سوالن وارو وقفو شروع ٿيڻ کان اڳ اسپيڪر چيو ته مان سليم صافي کي پروگرام جرڳه ۾ انٽرويو ڏنو، منهنجي ڳالهه کي ناليواري روزاني اخبار ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، اسان عدالتن جي فيصلن تي ڪڏهن ڪنهن کي نوٽيفاءِ نٿا ڪريون پر اليڪشن ڪ??يش??، چونڊن کان پوءِ ميمبرن ??و نوٽيفڪيشن ڪڍي ٿي ۽ ضمني چونڊن ۾ پڻ ائين ئي ٿئي ٿو، نوٽيفاءِ ٿيلن کان ايوان ۾ حلف ورتو ويندو آهي. هن چيو ته سمورن ??شوز تي عدالت ه??يش?? اليڪشن ڪميش آف پاڪستان کي لِکندي آهي، اليڪشن ڪ??يش?? ان تي نوٽيفاءِ ڪندي آهي ته پوءِ اسان جي ذميداري بڻجي ٿي ته اسان کي ڪهڙو ايڪشن کڻڻو آهي. هن چيو ته پنهنجي ان انٽرويو ۾، مون جي يو آءِ (ف) جي هڪ عورت ميمبر جو مثال ڏنو ته هوءَ 07 ڏينهن مون وٽ ايندي رهي ته حلف کڻڻ ڏيو، مون اهو ئي چيو ته اليڪشن ڪ??يش?? آف پاڪستان کان نوٽيفاءِ ڪرائي وٺو. هن چيو ته سمورن ??جن جو احترام ڪريون ٿا، اهڙ??ءَ طرح جي غلط رپورٽنگ اداري جي ساک کي متاثر ڪندي آهي، صهافين کي ذميداراڻي صحافت ڪرڻ گهرجي.