اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سائنسدان، پاڪستان ج?? ماهرن کي فني ترقي جي صف اول ۾ آڻڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ڪالهه قائداعظم يونيورسٽي ۾ نيشنل سينٽر فار فزڪس (اين سي پي) جي 3 ڊي پرنٽنگ ۽ ويڪيوم ??يڪ??الاجي تي عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس جي ميزباني ڪئي. اها 3 ڏينهن واري ڪانفرنس 23 کان 25 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، ??نه?? ۾ سڄي دنيا مان 50 کان وڌيڪ ناليوارا ماهر ۽ سائنسدان شرڪت ڪري رهيا آهن، ته جيئن سندن انقلابي ??يڪ??الاجيز ۾ جديد اڳڀرائيءَ تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪري سگهجي. افتتاحي خطاب ڪندي احسن اقبال سائنس ۽ ??يڪ??الاجي جي قومي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۾ ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ ويڪيوم ??يڪ??الاجي جي غير معمولي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ان ??يڪ??الاجي کي نه صرف هڪ فني سنگ ميل پر صنعتن کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ، معيشتن ج?? نئين سر جوڙجڪ ۽ زندگيءَ ۾ روزانو انقلاب آڻڻ جو ذريعو قرار ڏيندي چيو ته ڪنٽرولڊ ماحول ۾ درست مينيوفيڪچرنگ جي اجازت ڏيندي، اها ??يڪ??الاجي صحت، خلائي تحقيق، تعميرات ۽ توانائي جي شعبن ۾ جامع حل فراهم ڪري ٿي، اسان ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ ويڪيوم ??يڪ??الاجي جي ٻن غير معمولي نين ايجادن ج?? سنگم تي بيٺا آهيون، جن عالمي سطح تي پيداوار، مينيوفيڪچرنگ ۽ تحقيق کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها ڪانفرنس پاڪستان ج?? چوٿين صنعتي انقلاب جي باقاعده شروعات آهي. احسن اقبال ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ ويڪيوم ??يڪ??الاجي جي عالمي مثالن تي روشني وِجهندي صحت، خلائي تحقيق ۽ بنيادي ڍانچي ۾ نمايان ڪاميابين ج?? ذڪر ڪيو. هن وضاحت ڪئي ته ٿري ڊي پرنٽنگ خاص طور تي بائيو پرنٽنگ ۾ طبعي شعبي ۾ انقلابي اڳڀرائي ڪئي آهي، جتي آمريڪا ۽ جرمني جهڙن ملڪن جاندار، ڪسٽم ڊزائين ٿيل امپلانٽس ۽ مصنوعي عضون ج?? تياري ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، خلائي ۽ دفاعي شعبن پڻ ان نين ايجادن مان فائدو کنيو آهي، جتي ناسا ٿري ڊي پرنٽنگ ذريعي راڪيٽ جا پُرزا تيار ڪيا آهن، ??نه?? سان خرچ گ??ٽ ٿيا آهن ۽ خلائي تحقيق لاءِ نوان امڪان پيدا ٿيا آهن. وفاقي وزير اسپارڪو جهڙن ادارن سان سهڪار ۾ تعاون ۾ پاڪستان ج?? خلائي صلاحيتن کي وڌائڻ جي خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. تعميرات جي شعبي ۾ هن دبئي جي منصوبي جو حوالو ڏنو، ??نه?? تحت 2030ع تائين نين عمارتن ج?? 25 سيڪڙو ڊي پرنٽنگ سان تيار ڪيو ويندو، جڏهن ته چين ج?? تيز رفتار تعميرات جتي ڪجهه ڏينهن ۾ سڄي پاڙن کي ٿري ڊي پرنٽنگ ذريعي بڻايو ويو، کي به هڪ اهم مثال قرار ڏنو. وفاقي وزير حڪومت جي فائيو ايز ڊولپمينٽ فريم ورڪ تحت ان ??يڪ??الاجي جي استعمال جي ويزن کي تفصيل سان بيان ڪيو، ??نه?? جو مقصد 2035ع تائين پاڪستان کي کرب ڊالر جي معيشت بڻائڻ آهي. هن وضاحت ڪئي ته ڪهڙيءَ طرح 3 ڊي پرنٽنگ روانگي واپار ۾ واڌ، اِي پاڪستان قدمن ذڙيعي ڊجيٽل تبديلي، ماحول دوست مينيوفيڪچرنگ، توانائي جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ ۽ پُٺتي پيل طبقن کي پهچ لائق ??يڪ??الاجي فراهم ڪري بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. حڪومت جي معاون ماحول کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي دُهرائيندي احسن اقبال جدت کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيل پاڪستان انوويشن فنڊ ۽ سينٽرز آف ايڪسيلنس جهڙن قدمن کي اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ترقيءَ لاءِ حڪومت نجي شعبي، تعليمي ادارن ۽ تحقيقي ادارن وچ ۾ تعاون ج?? ضرورت پوندي. ان ج?? مقصد اهو آهي ته يونيورسٽين، ووڪيشنل انسٽيٽيوٽس ۽ تربيتي مرڪزن ذريعي نوجوانن کي ان اُڀرندڙ شعبن ۾ قيادت لاءِ گهربل مهارتون فراهم ڪيون وينديون. هن پاڪستان کي ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ ويڪيوم ??يڪ??الاجي جهڙين اُڀرندڙ ??يڪ??الاجيز جي مڪمل فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ مستحڪم سياسي ماحول ۽ مسلسل پاليسي جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته سنگاپور، ڀارت ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ج??ادار حڪومت ۽ مستقبل پاليسين کي برقرار رکي ان ??يڪ??الاجي کي ڪاميابي سان ضم ڪيو آهي. هن 2013ع کان 2018ع تائين ويزن 2025ع تحت ٿيل ترقيءَ جو پڻ حوالو ڏنو، جيڪو سالن بعد پاليسين ج?? رد ٿيڻ سبب متاثر ٿي هئي. هن چيو ته ٻين قومن ج?? ڪاميابي ڪهاڻيون ظاهر ڪن ٿيون ته ڊگهي مُدي استحڪام جٽادار اقتصادي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي، پاڪستان کي پاليسين ۾ تسلسل برقرار رکڻو پوندو ته جيئن ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽون نه اچن. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو 3 ڊي پرنٽنگ ۽ ويڪيوم طرفان پيش ڪيل اوزارن ۽ موقعن مان فائدو کڻن، ان ڳالهه تي زور ڀريندي چيو ته قوم جي ترقيءَ ان ج?? بانين ج?? هٿ ۾ آهي. هن پنهنجي خطاب جي پڄاڻي لائبريرين ۽ ليبارٽرين ج?? اهميت تي زور ڀريندي ڪيو ۽ چيو ته ليبارٽريز 24 ڪلاڪ ڪم ڪن.