اسلام آباد-04 آڪٽوبر (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) سينٽر ۾ چائنا پاڪستان اسٽيڊي سينٽر (سي پي ايس سي) پاران ”پاڪستان جي سيڙ??ڪا??ي جو منظرنامو، چئلينجز، موقعا ۽ مستقبل جي حڪمت عملي“ جي موضوع تي خصوصي مُباحثو منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻو مملڪتي وزير ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جو چيئرمين اظفر احسن خاص مهمان هو. ان موقعي تي آءِ ايس ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل سفير سهيل محمود پاڪستان جي منفرد فائدن جو خاڪو پيش ڪيو ۽ وچ اوڀر، وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جهڙن اهم خطن جي سنگم تي ملڪ جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ تي زور ڀريو. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جي نوجوان آبادي بي مثال آبادياتي فائدو فراهم ڪري ٿي جڏهن ته ان جا وسيع قدرتي وسيلا سيڙ??ڪا??ن لاءِ هڪ پرڪشش منزل ٺاهيندا آهن. سفير سهيل محمود انهن چئلينجن جو پڻ اعتراف ڪيو جيڪي پاڪستان کي پن??نجي سيڙ??ڪا??ي جي صلاحيت کي مڪمل طور تي حاصل ڪرڻ کان روڪي رهيا آهن. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ڪا??وبار ڪرڻ ۾ آساني جي درجا بندي کي ??هت?? بڻائڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، پر اهم رڪاوٽون باقي آهن، ريگوليٽري ڏکيائيون ۽ پاليسي جي تسلسل بابت خدشا، اهي عمل سيڪيورٽي جي مسئلن جي ڊگهي تصورن سان گڏ سيڙ??ڪا??ن جي هٻڪ جو سبب بڻجن ٿا. انهن چئلينجن باوجود سفير سهيل محمود پراميد آهي، هن آءِ ٽي، زراعت ۽ ٽيڪسٽائيل جهڙن شعبن کي وڌ کان وڌ سيڙ??ڪا??ي لاءِ موزون قرار ڏنو. هن ڊگهي مدي واري سيڙ??ڪا??ي کي راغب ڪرڻ لاءِ اعتماد ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سميت سرڪاري ادارن، نجي شعبي، ڪا??وباري اڳواڻن ، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي وچ ۾ تعاون تي زور ڀريو ته جيئن پائيدار ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگهجي. پاڪستان سيڙ??ڪا??ي جي هڪ پرڪشش منزل بڻجي ويو آهي. پن??نجي خطاب دوران اظفر احسن مقامي ۽ پرڏيهي سيڙ??ڪا??ن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جي سخت ضرورت تي زور ڀريو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي جي ڪاميابي جو دارومدار موجوده سيڙ??ڪا??ن جي حمايت ۽ سهولتڪاري تي آهي جيڪي هڪ پائيدار سيڙ??ڪا??ي جي ماحول جي جوڙجڪ طرف هڪ اهم قدم آهي. هن سيڙ??ڪا??ن جي اعتماد کي ??هت?? بڻائڻ ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ”ملڪي حڪمت عملي“ جي جوڙجڪ سميت ڊگهي مدي واري قومي موقف جي زبردست وڪالت ڪئي. هن معيشت جي سمورن شعبن ۾ بنيادي سڌارن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن دليل ڏنو ته پاڪستان کي رد عمل جي پاليسين کان هٽي ڪري ڪا??وبار ۽ سيڙ??ڪا??ي لاءِ سازگار ماحول بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اظفر احسن پن??نجي خطاب ۾ پاڪستاني ۽ پرڏيهي سيڙ??ڪا??ن وچ ۾ گڏيل منصوبن، خاص طور تي ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ منيوفيڪچرنگ جهڙن شعبن ۾ تعاون جي امڪانن کي به اجاگر ڪيو. هن پاليسي سازن جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو پاڙيسري ملڪن جهڙوڪ چين ۽ ازبڪستان کان سکن، جتي اسٽريٽجڪ منصوبابندي ۽ عالمي ڪا??وباري ادارن سان تعاون تيزي سان اقتصادي ترقي ڪئي آهي. هن سعودي تجربي مان فائدو کڻڻ ۽ سعودي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن پاڪستان ۾ مملڪت جي سيڙ??ڪا??ي جي پروفائل کي نمايان طور تي هٿي ڏئي سگهجي. ان کان اڳ چائنا پاڪستان اسٽيڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طلعت شبير پن??نجي تعارفي جملن ۾ موجوده معاشي چئلينجن جي باوجود پاڪستان جي بي پناهه صلاحيتن تي روشني وڌي. هن چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت قائم ڪيل خصوصي اقتصادي زونز جي اهميت تي زور ڀريو جنهن ۾ ٽيڪس مراعتون ۽ ??هت?? انفرا اسٽرڪچر جي آڇ ذريعي پرڏيهي سيڙ??ڪا??ي جو ڌيان ڇڪرايو وڃي. پڄاڻي واري خطاب ۾ اڳوڻي ايئر چيف مارشل (ر) سهيل امان سلامتي، استحڪام ۽ معاشي خو??حا??ي وچ ۾ اڻٽٽ ڳانڍاپي تي زور ڀريو ۽ چيو ته پاڪستان جي ترقي جو دارومدار پرڏيهي سيڙ??ڪا??ي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي آهي. هن ايونٽ ۾ ڪا??پوريٽ اڳواڻن، سينئر سرڪاري ملازمن، تعليمي ماهرن، پريڪٽيشنرز، ٿنڪ ٽينڪ جي ماهرن، ميڊيا جي نمائندن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.