اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته عالمي سطح تي ماحول دوست معيشت کي ??ٿي ڏيڻ سان اُسريل ۽ اُسرندڙ ملڪن ۾ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن. اها ??ال??ه آءِ ايم ايف طرفان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته گرين معيشتن کي ??ٿي ڏيڻ سان ملازمتن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جو مقصد ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول کي ??ائيدار بڻائڻ آهي، جڏهن ته رپورٽ موجب ماحول دوست ملازمتن ۾ عورتن جي نم??ئن??گي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن کي ??ه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ گرين ملازمتون ملي رهيون آهن، جڏهن ته ملازمت ماڻيندڙ عورتن کي ??ردن جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ اجرت ملي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيم (س??ئن??، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي) جي شعبن ۾ عورتن جي شرڪت ۾ واڌ ۽ صنفي مساوات کي ??ٿي ڏيڻ سان سبز معيشت ۾ منتقليءَ جو عمل تيز ۽ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ان ??ال??ه تي به زور ڀريو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين کي ??ُنهن ڏيڻ لاءِ صنفي مساوات ۽ تعليم ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. رپورٽ مطابق انهن ملڪن ۾ جتي عورتن کي برابريءَ جا موقعا ڏنا پيا وڃن اتي ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ وارين پاليسين جو اثر وڌيڪ اثرائتو ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سمورن ملڪن سان اسٽيم ۽ صنفي شموليت کي ??ٿي ڏئي ماحول دوست معيشت جي ترقي ۾ ??دد لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.