اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان جمهوريه تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف توير ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي دفاعي، اقتصادي ۽ ايوي ايشن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري وزير سمورن حل طلب علائقائي مسئلن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ?? خطي ۾ امن ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تاجڪستان جي ڪو??شن کي ساراهيو. تاجڪ سفير ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ان کانسواءِ هن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون لاءِ پنهنجي حڪو??ت جي عزم جي خاطري ڪرائي. اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي، دفاع واري وزير ان حقيقت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صديون پراڻا مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. گڏيل سرحدي ڪميشن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بارڊر مينيجمينٽ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ ان معاملي تي گڏيل ڪوششون جاري رهڻ گهرجن. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ?? گڏيل دلچسپي ج?? شعبن ۾ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.