اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي، ثقافت ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته عوام پي ٽي آءِ جو جلسو رد ڪري ڇڏيو آه??، جن لکين ماڻهن کي اڄ انقلاب آڻڻو هو خبر ناهي اهي ڪيڏانهن هليا ويا؟ اسلام آباد سميت پنجاب ۾ ٽريفڪ معمول مطابق رهي، پي ٽي آءِ جلسي جي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ ڪوڙين وڊيوز ج?? سهارو ورتو آه??، ناڪام جلسي تي ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون. ڪالهه پي ٽي آءِ جي جلسي جي حوالي سان خاص ڳاله?? ٻولهه ڪندي وفاقي وزير چيو ته هن پاڻ اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دؤرو ڪيو، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ معمول موجب هئي. هن چيو ته جيڪي لکين ماڻهو انقلاب آڻڻ لاءِ آيا هئا خبر ناهي اهي ڪيڏانهن هليا ويا. هن چيو ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ٽريفڪ معمول موجب آه??. روزمره زندگي نارمل آه??، اهي لکين ماڻهو جن کي سمنڊ جي شڪل ۾ نڪرڻو هو اهي ڪٿي به نظر نه آيا. هن چيو ته جلسو ڪرڻ جمهوري حق آه??، انتظاميه پي ٽي آءِ کي جيڪو وقت ڏنو آه?? ان مطابق جلسو هئڻ گهرجي. هن چيو ته جلسي جي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهي آه??، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون فوٽيچز جاري ڪري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت، ڪارڪن ۽ پي ٽي آءِ سان ذهني هم آه??گي رکندڙ اهڙيون ڪوڙيون وڊيوز ڦهلائي رهيا آه??. هن چيو ته احتساب جاري رهندو، جيڪڏهن هو اهو تاثر قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته جلسو ڪري اين آر او ورتو ويندو ته اهو هرگز نه ٿيندو، اوهان کي توشه خانه جو به جواب ڏيڻو پوندو، اوهان کي 190 ملين پائونڊ جي ميگ?? ڪرپشن جو به جواب ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اها پي ٽي آءِ جي سياسي طور تي وڏي ناڪامي آه??، اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته لکين ماڻهو آڻي رهيا آه?? ـ ٻاهر نڪرڻ جو وقت آيو ته مڪمل طور ناڪام ٿي ويا، پي ٽي آءِ جي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي قيادت ٻئي ناڪام ٿي چڪيون آه??. هن چيو ته ان ناڪام جلسي تي ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون.