اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي چيني قيادت جي ويزن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر چي??ي سفير جيانگ زيڊانگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي??ي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو غيرمشروط ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو چيني قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو آهي، پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طا??ق فاطمي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.