اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف واضح هدايت ڪئي آه?? ته سامونڊي رستي وسيلي اندرون ملڪ جي لاءِ سرڪاري شعبي جي مجموعي ڪارگو جو 50 سيڪڙو گوادر بندرگاهه تان آندو وڃي، هن چين ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز جي زراعت جي شعبي ۾ تربيت جي حوالي سان سمورن صوبن کي هڪ جهڙي شرح ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم واضح هدايت ڪئي آه?? ته سامونڊي رستي وسيلي اندرون ملڪ جي لاءِ سرڪاري شعبي جي مجموعي ڪارگو جو 50 سيڪڙو گوادر بندرگاهه تان آندو وڃي. وزيراعظم چين ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز جي زراعت جي شعبي ۾ تربيت جي حوالي سان سمورن صوبن کي هڪ جهڙو تناسب ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا چين ۾ زرعي تربيت جي حوالي سان پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز جي شفاف طريقي سان چونڊ جي نگراني ڪندي. ان موقعي تي وزيراعظم کي چيني ??اهرن جي وفد جي پ??ڪستان جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني ??ئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته چيني ??اهرن جي وفد 30 جولاءِ 2024ع کان 6 آگسٽ 2025ع تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، چيني ??فد مختلف وزارتن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزارتن لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان تجويزون ڏنيون، وفد جي دوري دوران چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي. چيني ??فد ملڪ جي وڏي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان ملاقاتون ڪيون، ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۽ نان ٽريڊ بيريئرز کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان چيني ??اهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته چين ۾ پاڪستاني ??صنوعات جي برآمدات وڌائڻ جي حوالي سان چين جي مختلف شهرن ۾ سيڪٽورل روڊ شوز منعقد ڪرايا ويندا، اليڪٽرڪ وهيڪلز، اليڪٽرو ميڊيڪل ڊيوائسز ۽ ٻين شعبن ۾ چين سان ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان خدمتون حاصل ڪيون وينديون. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته چيني صنعتن جي پ??ڪستان ۾ ري لوڪيشن جي حوالي سان چيني ڪمپنين جي دلچسپي ۾ اضافو ٿيو آه??، چيني آٽو اسپيئر پارٽس ڪمپني جي تازو ئي پ??ڪستان ۾ پنهنجو پلانٽ لڳائڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آه??، خصوصي اقتصادي زونز جي لاءِ زمين کي ليز تي وٺڻ جي حوالي سان آساني ??يدا ڪئي پ??ي وڃي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز کي چين ۾ زراعت جي شعبي ۾ تربيت ڏني ??يندي جنهن جي لاءِ هيستائين 572 درخواستون ملي ??ڪيون آه??. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.