اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ??اڪ??تان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي، نوجوان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا، ??اڪ??تان جا نوجوان بي پناهه صلاحيتن سان مالامال آهن، ملڪ جي نوجوانن ۾ مثبت تبديلي جو سبب بڻجڻ جي اهليت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تعليم هر ٻار ۽ نوجوان جو حق آهي، تعليم سان ملڪ جو مستقبل روشن ٿيندو. نائب وزيراعظم چيو ته سڀني ٻارن کي چوندس ته سکڻ جي عمل کي سدائين جاري رکن. تخليق ۽ تعليم جي امتياز کي اختيار ڪري ترقي جا نوان رستا ڳو??ين. هن چيو ته اتحاد ۾ اسان جو مستقبل آهي، نفرت کي دفن ڪري ڇڏڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي دوري دوران ٻڌايو ويو ته ڪجهه بلوچ ناراض آهن، آئون چوان ٿو ته ڪو به پنهنجي ڌرتي ماءُ کان ناراض نه ٿو ٿي سگهي، پنهنجي مسئلن جو حل گڏجي ڳو??ين. جيتوڻيڪ ناراضگي جي نالي تي دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته نوجوان نسل محنت کي پنهنجي ترجيح بڻائين، حڪومت نوجوانن کي ڪيتريون ئي سهولتو?? فراهم ڪري رهي آهي. خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي قيام جو مقصد نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ به آهي. نوجوان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي عهد ۾ نوجوان حصيدار آهن. نائب وزيراعظم چيو ته 1998ع ۾ ??اڪ??تان ائٽمي قوت بڻيو?? اسان پنهنجي دفاع تي ڪڏهن به ٺاهه ناهي ڪيو. قومي مفاد اسان جي سڀ کان پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته اسان کي بي پناهه چئلينجز درپيش آهن، ??اڪ??تان جو مستقبل اڄ جي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. 2013ع جي حڪومت ۾ ??اڪ??تان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچايو، ان وقت ??اڪ??تان بابت ڊيفالٽ جو چيو ويو پر ??اڪ??تان دنيا جي اڀرندڙ معيشت بڻيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته پي ڊي ايم حڪومت ??اڪ??تان کي بچائڻ جي لاءِ هئي?? اسان جا دشمن چاهين ٿا ته ??اڪ??تان کي معاشي طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته ??اڪ??تان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي.