اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي 78 هين آزادي جي ڏهاڙي تي پ??ري پاڪستاني قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آزادي ڏهاڙو خودمختياري جي ??ق لاءِ ڀارتي مسلمانن جي ??اريخي سياسي جدوجهد جو نقطه عروج آهي، هڪ پرامن ۽ جمه??ري جدوجهد جي ??ريعي پاڪستان جو قيام تاريخ جو هڪ بي مثال ۽ بينظير باب آهي، اسان پاڪستان جي لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏيندڙ تحريڪ پاڪستان جي ??ڳواڻن، ڪارڪنن ۽ پنهنجي وڏن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي 78 هين آزادي جي ڏهاڙي 14 آگسٽ 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي ??ختلافن کي مٿانهون رکي ??لڪ جي ??تحاد، سالميت ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ پرعزم ٿي ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته اسان جي ??لڪ کي بي شمار انساني ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي ۽ اها اسان سڀني جي ??ميواري آهي ته عوام جي ڀلائي جي لاءِ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون، اسان کي قانون جي ??ڪمراني، جمه??ري ادارن جي ??ستحڪام ۽ عوامي مفاد ۾ دل ۽ جان سان ڪم ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته قوم جون اسان سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل آهن ۽ اسان کي عوامي امنگن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، اسان کي قائداعظم جي فرمان ”جيڪڏهن اسان هن عظيم ??لڪ پاڪستان کي خوش ۽ خرم ۽ خوشحال بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجو سمورو ڌيان ماڻهن خاص طور تي عوام ۽ غريب طبقي جي ڀلائي تي ڏيڻ گهرجي“ مان تحريڪ حاصل ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته اهو ئي وقت آهي ته اسان پاڪستان کي هڪ عظيم ??لڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي نوجوانن ۽ عورتن تي سيڙپڪاري ڪريون، خدمتن جي فراهمي بهتر بڻايون ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪريون. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ اسان کي آزادي جو جشن ملهائيندي 7 ڏهاڪن کان پنهنجي ??زادي ۽ خودمختياري جي ??ق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پنهنجي ڪشميري ۽ فلسطيني ??ائ??ن کي پڻ ياد رکڻ گهرجي، اڄ اسان غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطيني عوام جي ??ائز حقن جي لاءِ پنهنجي ??مايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته اچو، وچن ڪريون ته اسان عوام جي ??رقي جي لاءِ ڪم ڪنداسين ۽ پاڪستان کي هڪ خوشحال ??لڪ بڻائينداسين. الله تعاليٰ اسان جو حامي ۽ ناصر هجي. آمين!.