اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي صدر امام عل?? رحمان جي دعوت تي 2 کان 3 جولاءِ تائين دوشنبي تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم دوشنبي ۾ صدر امام عل?? رحمان، مجلس نمائندگان ج?? چيئرمين محمد طائر زيور ذوڪر زاده ۽ وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ملاقات ڪندو. بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تاجڪستان جي دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون ته جيئن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي علائقائي را??طن، واپار، عوام سان عوام جي را??طن ۽ توانائي سان گڏو??ڏ گهڻ رخي معاملن تي تعاون کي سگهه ڏئي سگهجي. وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي موقعي تي ڌريون تعاون جي مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪنديون.