اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي ۽ اسان اهڙي مستقبل جي تعمير جي ل??ءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا جتي امن هجي ۽ انسانيت وڌي ويجهي. گڏيل قومن تحت امن قائم ڪرڻ جي ل??ءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سماجي رابطن جي و??ب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي گڏيل قومن جي امن دستن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي. امن دستن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙن جا خصوصي ط??ر تي ٿورن جو اظهار ڪري ٿو جن دنيا ۾ امن برقرار رکڻ جي ل??ءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي بهادر عورتن سميت 2 لک 30 هزار فوجي اهلڪارن گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي 64 سالن ۾ قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي ۽ انهن ۾ اسان جا 181 شهيد پڻ شامل ??هن جن عالمي امن جي ل??ءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، اسان انهن کي به خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. انهن جي بي لوث جرئ?? ۽ ??رباني سدائين اسان جي دلين تي نقش رهندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان امن ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي ۽ اڄ اسان هڪ اهڙي مستقبل جي تعمير جي ل??ءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا جت امن ۽ انسانيت وڌي ويجهي.