آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قازقستان ۾ منع??د ٿيندڙ اي?? سي او) ڪائونسل آف پرڏيهي وزيرن جي موقعي تي ر??سي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ رشين فيڊريشن جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفي افهام تفهيم، تعاون ۽ تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس م??جب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير روس ۾ پرامن ۽ ڪامياب چونڊ عمل تي پنهنجي ر??سي هم منصب کي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۽ روس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان روس ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هن سال ماسڪو ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو نائون اج??اس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.