اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف پاڪ بحريه جي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ بحريه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منشيات اسمگلنگ ڪندڙ لانچ ک?? پڪڙڻ تي پي اين اي?? اصلت جي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪ بحريه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پيارن کان پري گهري سمنڊ ۾ پنهنجا فرض س??انجام ڏيندڙ پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي.