اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امار??ت جي شاهي خاندان جي ميمبر ۽ ناليواري ڪاروباري شخصيت شيخ طحنون بن محمد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون نيڪ خواهشون ۽ دعائون گڏيل عرب امار??ت جي قيادت ۽ عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ شيخ طحنون بن محمد النهيان جي ڪردار کي ڊگهي عرصي تائين ياد رکيو ويندو. الهه تعاليٰ کي?? جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.