اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??ڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل برقرار آهي، چونڊيل وزيراعظم 4 مارچ تي حلف کڻندو، اڄ جمعي ڏ??نه?? قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي ٿي رهي آه??، اسان واعدو ڪيو هو ته هي ملڪ جنهن حالت ۾ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين، نگران حڪومت پنهنجو ڪم پورو ڪيو آه??، اليڪشن ڪميشن جي مالي ۽ انتظامي ضرورتن کي پورو ڪيو، اسان جي ترجيح معاشي استحڪام رهي. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته ??سان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اڄ اهو واعدو تڪميل تي پهتو آهي، سمورن چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي، سڀاڻي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي جڏهن ته 4 مارچ تي نئون وزيراعظم حلف کڻندو. هن چيو ته 4 مارچ تي جڏهن وزيراعظم حلف کڻندو، ان وقت نگران حڪومت جا 200 ڏ??نه?? مڪمل ٿي ويندا. هڪ ??وال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته 1977ع جي چونڊن تي به اعتراض هئا، ان وقت جي مخالف ڌر چيو ته ??سان انهن چونڊن کي نه ٿا مڃون جڏهن ته ??عد ۾ قومي اتحاد جي اڳواڻن تسليم ڪيو ته ڪا وڏي ڌانڌلي نه ٿي هئي، ڪجهه سيٽن تي اعتراض هئا، ان وقت وزيراعظم سان ڳالهيون ٿيون ان کانپوءِ انهن ٻيهر چونڊن تي اتفاق ڪري ورتو هو پر 2024ع جي چوندن ۾ اهڙي ڪا صورتحال نه آهي. هن چيو ته ??مهوريت ۾ شور شرابو ٿيندو آهي، جمهوريت قبرستان نه آهي. هڪ ??وال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي خط سان آءِ ايم ايف جو پراسيس نه رڪجندو، ان خط جو مقصد پاڻ کي شهه سرخين ۾ آڻڻ هو، ان ۾ شايد انهن کي ضرور ڪاميابي ٿي آهي پر آءِ ايم ايف اهڙي طرح جي خط جو ڪو جواب نه ڏيندو ۽ نه ئي ان جي نتيجي ۾ آءِ ايم ايف سان معاملا رڪجندا، اها هڪ ??ياسي راند کيڏي وئي آهي جيڪا افسوسناڪ آهي. هڪ ??وال تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد وزيراعظم تجربيڪار ماڻهن جي ٽيم آڻيندو، هن ملڪ جا مسئلا تمام گهڻا ڳنڀير آهن، ملڪ کي سياسي استحڪام جي ضرورت آهي. هن چيو ته قومي سطح جي ايجنڊا تي سڀني کي هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ ??وال جي جواب ۾ نگران ??فا??ي وزير چيو ته نگران حڪومت جو مينڊيٽ بنيادي سڌارا ڪرڻ نه آهي، گورننس جا مسئلا اطلاعات واري وزارت سميت سمورين وزارتن ۾ موجود آهن، نئين حڪومت اطلاعات واري وزارت جي سمورن ادارن بشمول پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي کي اڳتي وٺي ويند??، اسان سڀني کي گڏجي مسئلن جي حل طرف وڃڻو آهي. هڪ ??وال جي جواب ۾ هن چيو ته ??يڪڏهن قانوني طور تي ڪنهن جون سيٽون ٺهن ٿيون ته ??نهن کي ملڻ گهرجن، قانون تي عمل ٿيڻ گهرجي، عوام جن کي چونڊيو آهي ته ??هي عوام جي ترجماني ڪن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته پرامن طريقي سان اقتدار منتقل ٿي رهيو آه??، اسان 17 آگسٽ 2023ع تي واعدو ڪيو هو ته هي ملڪ جنهن حالت ۾ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هن چيو ته نئين قومي اسيمبلي ميمبرن کي اها ئي درخواست آهي ته ??هي جنهن به پارٽي سان تعلق رکندا هجن، اهي ملڪ جي مسئلن جي حل جو ذريعو بڻجن. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي، نگران حڪومت عوام جي ٽيڪس جي پئسن مان هڪ ??پيو به پنهنجي تشهير تي خرچ نه ڪيو، اسان سياسي گرمي پد کي هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئ??، اليڪشن ڪميشن جون مالي ۽ انتظامي ضرورتون پوريون ڪيون. هن چيو ته نگران دور ۾ ايس آئي ايف سي جي سرگرمي به اتي رهي، نجڪاري جي حوالي سان اسان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جيڪو ايندڙ چونڊيل حڪومت جي لاءِ سهولت جو سبب بڻجندو، اسان جي ترجيح معاشي استحڪام هو.