اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل موقف اختيار ڪندي سلامتي، علائقائي استحڪام، واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ گڏيل مقصدن جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجود مضبوط اداراجاتي مڪينزم کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل موقف اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين تسليم ڪيو آهي ته ويجها ٻطرفا لاڳاپا نه رڳو ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهن پر خطي جي استحڪام جو هڪ اهم ذريعو به آهن. هن چيو ته ملاقات دوران ڌرين ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي س??ح تي اعليٰ سطحي مشاورتي مڪينزم قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اهو اعليٰ سطحي مڪينزم ايران ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو مستقل بنيادن تي جائزو وٺندو. نگران پرڏيهي وزير دهشتگردي جي حوالي س??ن هڪ ٻئي جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان سلسلي ۾ ٻنهي ڌرين رابطا آفيسر مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اهي رابطا آفيسر تربت ۽ زاهدان ۾ مقرر ڪيا ويندا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته ايراني پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اسان جي گهري عزم جو ثبوت آهي. ملاقات دوران هن چيو ته علائقائي س??لميت جو احترام ٻطرفي تعاون جو بنيادي اصول آهي. هن چيو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي س??حدي علائقن جي اقتصادي ترقي کي ترجيح ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، اسان 5 باقي رهيل سرحدي مارڪيٽن ک?? تيزي س??ن فعال بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ۽ اهي س??حدي مارڪيٽون جلد ڪم شروع ڪري ڇڏينديون. ان موقع?? تي ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عظيم جاگرافيائي، تاريخي ۽ ثقافتي قدر موجود آهن، جيڪڏهن اسان پاڪستان ۽ ايران جي تاريخ تي نظر وجهون ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪڏهن به علائقائي اختلافن يا سرحدي مسئلن جو ڪو واقعو پيش نه آيو جيڪو دوستاڻي ٻطرفن لاڳاپن جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته ايران پاڪستان کي پنهنجو ڀائر، پاڙيسري ۽ دوست ملڪ سمجهي ٿو، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي علائقائي س??لميت جو مڪمل احترام ڪن ٿا. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ دهشتگردن کي س??حدي علائقن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏيندا. اسان سمورن دهشتگردن کي واضح لفظن ۾ ٻڌائينداسين ته اسان (ايران ۽ پاڪستان) انهن کي پنهنجي گڏيل سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جو ڪو موقعو فراهم نه ڪندا. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل سرحدي علائقن ۾ موجود دهشتگردن کي ٽئين ملڪ جي حمايت حاصل آهي. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي وفدن گڏجي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته سرحدي سلامتي، دهشتگردي جي خلاف جنگ، واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ، سرحدي مارڪيٽن جي توسيع ۽ آزاد واپاري زونز قائم ڪرڻ جي حوالي س??ن جلد کان جلد وڌيڪ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته ٻنهي ڌرين مذهبي سياحت ۽ توانائي جي تعاون جي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. فلسطين مسئلي جي حوالي س??ن ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير فلسطين جي عوام جي لاءِ حمايت تي پاڪستان جي موقف کي س??راهيو. هن فلسطيني عوام ۽ فلسطيني مزاحمت جي حمايت جاري رکڻ جي ايران جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ عام چونڊن جي محفوظ ۽ ڪامياب انعقاد جي حوالي س??ن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تازن واقعن جي حوالي س??ن هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته گهري ۽ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن جي ڪري ٻئي ڌريون غلط فهمين کي جلد ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ايران جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايراني صدر جو پاڪستان جو دورو عام چونڊن کانپوءِ ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو.