اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته وبائي مرضن کي روڪڻ جي ??اءِ موثر، مضبوط ۽ گڏيل قدمن جي ضرورت آهي، صحت بابت اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو، صحت جي ??ظام جي بهتري لاءِ مانيٽرنگ ضروري آهي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي ڪري شديد نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سمورن ملڪن جي ذميواري آهي ته پنهنجي شهرين کي صحتمند ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ کي افتتاحي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پهرين عالمي هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪرڻ پاڪستان جي ??اءِ اعزاز آهي، سمورن نمائندن کي شرڪت تي ڀليڪار چوان ٿو. عالمي هيلٿ سيڪيورٽي موجوده دور جو هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، هي سمٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪنهن به ملڪ جي صحت جو شعبو سڄ?? دنيا سان ڳنڍيل آهي. صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان سمٽ منعقد ڪرڻ جي ??اءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. هن چيو ته سڄ?? دنيا ۾ صحت جي ??سئلن جو حل ضروري آهي. وبائي مرضن کي روڪڻ جي ??اءِ قدم وقت جي ضرورت آهي، دنيا جو ڪو به ملڪ ڀلي اهو ڪيترو ئي طاقتور ڇو نه هجي، صحت جي چئلينجن کي اڪيلي سر منهن ڏيڻ ممڪن نه آهي، آبادي ۾ اضافي، شهرن طرف تيزي سان لڏپلاڻ ۽ موسمياتي تبديلين جهڙن چئلينجن کي اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مرضن ۽ 2022ع ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ شديد ٻوڏ جهڙن مسئلن سان اسان جي شهرين جي صحت شديد متاثر ٿي ۽ انهن تي سماجي ۽ معاشي اثر پيا. ترقي يافته ملڪن وٽ ته اهڙي قسم جي ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر قدمن جي ??اءِ وسيلا هوندا آهن پر اسرندڙ ملڪن جي ??اءِ به اهڙو نظام هجڻ گهرجي ڇو ته اسرندڙ ملڪن ۾ صحت جو نظام ڪمزور هوندو آهي. ڪوويڊ 19 مان اسان کي اهو سبق مليو آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گڏيل قدم کڻڻ گهرجن ۽ اسان جو ويزن هجي ته هيلٿ سيڪيورٽي کي اسان کي هڪ بنيادي حق طور اختيار ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪورونا سان دنيا ۾ معاشي عدم استحڪام آيو، صحت بابت اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. هيلٿ سسٽم کي وقت سان گڏ مضبوط بڻائڻو پوندو. علاج هر شهري جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اسان کي پنهنجي صحت جي ??ظام ۽ پاليسين کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي نظر ۾ رکي جوڙڻ جي ضرورت آهي. اها هڪ اهڙي گڏيل ذميواري آهي جيڪا سڀني کي گڏ??ي ڪم ڪرڻ جي گهرجائو آهي. پاڪستان ۾ موسمياتي ناانصافي جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 17 هزار ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون آهن. جڏهن ته 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. ان لاءِ موسمياتي انصاف ۽ برابري تي ٻڌل قدمن جي ضرورت آهي. اسان کي نه رڳو پنهنجي ??لڪ ۾ پر سڄ?? دنيا ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. قومي حڪمت عملي سان گڏوگڏ عالمي فنڊ جي ??اءِ به طريقيڪار ڳولڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيلٿ سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪير به ٻين کان پٺتي نه رهي سگهي. نگران وزيراعظم چيو ته گڏيل تحقيق سان وبائي مرضن جي علاج جو طريقيڪار ڳولڻو پوندو. صحت جي ??ظام جي بهتري لاءِ مضبوط ۽ فعال مانيٽرنگ ضروري آهي. نگران وزيراعظم چيو ته هيلٿ ليبارٽريز جو انٽرنيشنل نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ بهترين قدمن ۽ وسيلن مان هڪ ٻئي کي فائدو پهچائڻ سان اڀرندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان کانسواءِ خوراڪ جي تحفظ جي ??اءِ ريگيوليشن، معيار ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ به گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته دنيا کي انسان جي صحت بابت ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سمورا ملڪ ذميوار آهن ته اهي پنهنجي شهرين کي صحتمند ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪن. هن چيو ته تاريخ اسان جي ??دمن جو فيصلو ڪندي. هي عالمي هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ صحت جي شعبي جي ??سئلن ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزون جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. صحت واري وفاقي سيڪريٽري افتخار شالواڻي عالمي هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گلوبل هيلٿ سمٽ ۾ توهان سڀني کي ڀليڪار ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي خاص طور تي ٻ??هرئين ملڪ رهندڙ مهمانن جي ??اڪستان ۾ شاندار آجيان ڪريان ٿو. هن شاندار گڏجاڻي ۾ توهان جي ??وجودگي صحت جي سلامتي جي عالمي برادري کي متاثر ڪندڙ مُشڪلاتن ۽ گڏيل ٺوس چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ اسان جي گڏيل عزم جو واضح اظهار آهي. صحت جو جاري عالمي بحران تعاون جي ??علومات جي ??ٽاسٽا ۽ اجتماعي ڪارروائي جي اهميت کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. هي سمٽ اسان جي ??اءِ هڪ اهڙو پليٽ فارم ڪري ٿي جنهن جي ذريعي اسان سرحد پار ڪندڙ ڌرين ۽ حصيدارن ۾ پنهنجي ??هارت جي ??ٽاسٽا کي گڏ ڪري سگهون ٿا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڄ?? دنيا مان ايندڙ نمائندن کي ڀليڪار چوان ٿو. عالمي هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ يقيني طور تي مثبت نتيجا جوڙيندي. هن چيو ته ڪورونا ڪوويڊ 19 اربين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، لکين ماڻهو ڪورونا جي ڪري زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا. هن چيو ته ٻوڏ کان متاثر پاڪستاني علائقن جي ??اءِ ڊبليو ايڇ او اهم ڪردار ادا ڪيو. صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ موثر قدم کڻي رهيا آهيون. پاڪستان عالمي سطح تي صحت جي شعبي لاءِ مدد ۽ قدم کڻندو رهيو آهي. قومي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان گلوبل هيلٿ سمٽ کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي ڪانفرنس ۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن جا وفد شرڪت ڪري رهيا آهن. گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ ۾ شرڪت تي سمورن مهمانن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته عالمي ڪانفرنس ۾ صحت وارا وزير، چوٽيءَ جا ماهر ۽ سفير شريڪ ٿيا. عالمي صحت جي حفاظت جي ??اءِ ذميواراڻي طور تي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيا. هن چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته صحت جي ??ظام جي بنياد کي مضبوط بڻايون. سڄ?? دنيا مان وفدن جي شرڪت گڏيل تعاون جي جذبي جو مثال آهي. سمٽ صحت جي ??ائيدار نظام جي تعمير جي ??اءِ گڏيل عزم آهي. پاڪستان محفوظ دنيا ۽ صحت جي ??اءِ گڏيل ڪوششن کي اڳتي وڌائيندو رهيو آهي. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته پاڪستان صحت وارن شعبن کي مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ اهم موڙ تي بيٺل آهي. سربراهي اجلاس اسان جي انفرادي صحت جي ??ظام کي مضبوط بڻائيندو. سيڪيورٽي سمٽ عالمي صحت جي تحفظ کي جديد بنيادن تي قائم ڪندو. ڪانفرنس ۾ صحت جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گڏيل ردعمل جو اظهار ڪيو ويو. هن چيو ته سمٽ جي سمورن شرڪت ڪندڙن جي ڪوششن ۽ محنت جو دل سان ٿورائتو آهيان. انشاءَ الله هن سمٽ سان ايندڙ نسل جي ??اءِ صحتمند مستقبل جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وائرس جي ڪا سرحد ناهي هوندي، عالمي دنيا کي بيمارين کان محفوظ رکڻ جي ??اءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. عالمي هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ جي افتتاحي تقريب کي مختلف غيرملڪي وفدن جي سربراهن پڻ خطاب ڪيو.