اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اس??ن ڪنهن آئيني اداري جي م??املن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته سينيٽ ۾ اليڪشن جي التوا جي قرارداد ۾ دليل ڏيڻ جو موقعو نه مليو. هن ??يو ته نگران وزيراعظم يا ڪابينا پاران اليڪشن جي دير جي حوالي س??ن ڪو حڪم موجود نه هو، ان لاءِ اهڙي قسم جي قرارداد جي حمايت ڪرڻ اسان جي لاءِ ممڪن نه هو. هن ??يو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪرائڻ، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اس??ن ڪنهن آئيني اداري جي م??املن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. هن ??يو ته قرارداد جي اندر جيڪي م??ئلا ٻڌايا ويا اهي حقيقي م??ئلا آهن پر پاڪستان جي پارلياماني سياست ۽ چونڊن جي تاريخ ۾ اهي م??ئلا اڳ ۾ به رهيا آهن، سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻي?? مسئلن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته اڃا تائين ڪنهن تڪ پاران اهڙو ڪو اشارو ناهي مليو جنهن ۾ واضح پيغام هجي ته چونڊون نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي التوا يا انعقاد جو آئيني اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.