لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان تر??يا??ي ماڊل قومي ا??تص??دي ترقي جي لاءِ مثبت نتيجا رکندڙ ٿي ??گه?? ٿو، ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم سارا??ه جوڳا آهن، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. هو بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر (بي ايف سي) ۾ واپاري برادري سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب، بزنس ڪميونٽي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر پنجاب حڪومت جو هڪ بهتر قدم آهي جتي هڪ ئي ڇت جي هيٺ سموريون سهولتون ميسر هونديون، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن سان روزگار جي موقعن، ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي واڌويج??ه جي شرح کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي خيال کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ڪاروبار جي فروغ ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ ان کي سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ بلوچستان تائين وڌايو ويندو. هن وفاقي حڪومت پاران ڪاروباري شعبي جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن ذريعي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو. هن ڪاروبار جي فروغ ل??ءِ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.