دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي ??ڏي?? دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يوني?? جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دبئي ۾ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي موقعي تي نيڌرلينڊ جي وزيراعظم مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي. نيويارڪ ۾ ??ڏي?? قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻ?? جي اها ٻي ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستا?? جي صورتحال سميت ??ڏي?? دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني حق?? جي صورتحال تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي سربراهن هن سال ٻنهي ملڪ?? جي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۽ دي هيگ ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي ??ڏي?? دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يوني?? جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ڊچ ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪي??. نگران وزيراعظم ڪوپ – 28 جي حوالي سان بهتر نتيج?? جي اميد جو اظهار ڪي??. هن چيو ته گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن جو شڪار آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي وزيراعظم کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.