اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??ڻي جي کوٽ کي موسمياتي تبديلين کان متاثر پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته ان حوالي سان فطرت تي ٻڌل حل ۽ پ??ڻي جي تحفظ بابت شهري احساس کي فروغ ڏيڻ جهڙا فوري قدم کڻڻ جي اهم ضرورت آهي، هن پ??ڻي بابت آفتن بشمول کوٽ کي موسمياتي ايمرجنسي جي هڪ وڏي علامت قرار ڏنو ۽ حڪومتن، ڪاروباري ادارن ۽ شهرين پاران ان مسئلي کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇهين ڪراچي انٽرنيشنل واٽر ڪانفرنس جي پڄ??ڻي واري سيشن کي پنهنجي وڊيو لنڪ خطاب ۾ ڪيو. هن چيو ته عوام کي شعوري طور تي پ??ڻي جي استعمال جي تعليم ڏئي ان بابت روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ منعقيد ٿيندڙ ان ڪانفرنس ۾ ماحوليات ۽ غذائي تحفظ بابت مقامي ۽ عالمي ماهرن شرڪت ڪئي جن موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾ ملڪ کي درپيش پ??ڻي بابت سنگين چئلينجز تي روشني وڌي. صدر ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته پ??ڻي جي کوٽ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قديم طريقن جي طرز تي پ??ڻي ذخيرن جي فن تعمير کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته پ??ڻي جي بچت جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ٻوڏ ۽ ڊرپ ايريگيشن جو انتظام ڪرڻ سان به غذائي تحفظ جي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر پ??ڻي جي قيمتن جي تعين جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن شهرين ۾ ان قدرتي نعمت جي ذميوار??ڻي استعمال بابت احساس پيدا ڪري سگهجي، اسلام بحيثيت مذهب قدرتي وسيلن جهڙوڪ پ??ڻي جي زيان کان بچڻ جي لاءِ احتياط ڪرڻ جي تعليم ڏي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي هڪ تحقيق ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ پ??ڻي جي خراب معيار جي وچ ۾ تعلق ظاهر ڪيو ويو آهي، جيڪو جسم ۾ صحتمند معدنيات کي جذب ٿيڻ کان روڪي ٿو. صدر ڪراچي ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ پنجو??ڻي حصار واٽر انسٽيٽيوٽ جي قيام کي ساراهيندي ان کي قومي مقصد جي لاءِ خلوص ۽ عزم جو مظهر قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه پاڻي، خوراڪ ۽ روزگار جي تحفظ بابت مسئلن تي عملي قدمن ۾ اهم ڪ??دا?? ادا ڪندي. ڪانفرنس ۾ اينگرو ڪارپوريشن جي صدر غياث خان، وائيس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي ڊاڪٽر سروش لوڌي، چيئرپرسن حصار فائونڊيشن سمي ڪمال ۽ تعليمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي.