جده-01 نومبر (اي پي پي)اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) اسرائيل طرفان فلسطين ۾ جاري قتل عام ۽ جنگي ڏوهن خاص طور تي جباليه ڪيمپ ۾ تازي قتل عام ج?? سخت ل??ظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جده ۾ او آءِ سي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بي??ن موجب اسرائيلي قابض فوج طرفان پناهگير ڪيم?? تي حملي ۾ رهائشي علائقو مڪمل تباهه ۽ سوين فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا. او آءِ سي عالمي برادري کان وحشياڻي اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ ۽ فلسطيني شهرين کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ فوري مداخلت جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. او آءِ سي عالمي براد??ي تي زور ڀريو آهي ته هو بنيادي سامان جي فراهمي سان گڏوگڏ فوري ۽ ڊگهي انساني امداد کي يقيني بڻائي.