اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ??نه?? طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين 27 آڪٽوبر کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو. اسلام آباد ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آز??د ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي ٻاهر??ن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي قيادت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آز??د ڪشمير شاخ جي سينيئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪئي جڏهن ته حڪومتي وزير احمد رضا قادري آز??د حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي نمائندگي ڪندي خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. مظاهري کي حريت ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل شيخ عبالمتين، سينيئر حريت اڳواڻ سيد يوسف نسيم سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.