بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چي?? جي صدر شي جن پنگ سي پيڪ جي تيز تر تعمير جي اهميت تي زور ڏيندي ان کي ترقي، روزگار، جدت ۽ گرين ڊيولپمينٽ جو لنگهه بڻائڻ جي لاءِ اهم قرار ڏنو جڏهن ته مختلف سطحن تي اسٽريٽجڪ رابطن ۽ عالمي فورمن تي تعاون جاري رکڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي گريٽ هال آف پيپلز ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سمورن معاملن تي اتفاق راءِ ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي تيز تر تعمير جي اهميت تي زور ڏيندي ان کي ترقي، روزگار، جدت ۽ گرين ڊيولپمينٽ جو لنگهه بڻائڻ جي لاءِ اهم قرار ڏنو. هنن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان جي پائيدار ۽ مجموعي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ان سان واڳيل آهي. هنن اتفاق ڪيو ته ٻئي ملڪ مختلف سطحن تي اسٽريٽجڪ رابطن ۽ عالمي فورمن تي تعاون جاري رکندا. نگران وزيراعظم چي??ي صدر کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي مستقبل جي حڪمت عملي بابت پيش ڪيل 8 نقطن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ۽ عالمي سطح تي اڀرندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ان جي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? اعتماد جوڳا حصيدار ۽ بهترين دوست آهن. چي?? جي اهم معاملن تي پاڪستان جي غيرمشروط ساٿ جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? جا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سبب آهن. صدر شي جن پنگ چي?? ته پاڪستان چي?? جو مضبوط ڀاءُ ۽ اعتماد جوڳو دوست ۽ امن ۽ ترقي ۾ حصيدار آهي. هن چي?? ته چي?? پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ چي?? پاڪستان جي پنهنجي سالميت، سرحدن جي تحفظ ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ۾ معاونت ڪندو رهندو. ٻنهي اڳواڻن بهتر علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو ٻنهي ملڪن جو گڏيل ويزن آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته پاڪستان چي?? سان علائقائي رابطن ۽ پاڪستان جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندو رهندو. صدر شي جن پنگ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان موجود اقتصادي صلاحيت ?? ان کي اڀرندڙ علائقائي واپار جو مرڪز بڻائڻ ۾ تعاون جاري رکڻ جي خا??ري ڪرائي.