بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران اڱاري ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم چين جي ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسڪالرز جي وفد سان ملاقات ڪندو. هو روس جي صدر ولا??يم??ر پيوٽن، ڪينيا جي صدر وليم روٽو ۽ سر??لن??ا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان پڻ ملندو. نگران وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ جي خصوصي دعوت تي ”ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم“ شريڪ عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.