اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪمي??ن پاران چونڊن جي تاريخ ج?? اعلان خوش آئنده آهي، افواهون پکيڙيندڙن جي لاءِ اڄ مايوسي جو ڏينه?? آهي، اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين ت??ت چون??ون منعقد ٿي رهيو?? آهن. نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي آئين ت??ت هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن 30 نومبر تائين سمورو ڪم مڪمل ڪري وٺندي جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن موجب جنوري جي آخري هفتي ۾ چون??ون ٿينديون، جيڪا هڪ وڏي خبر آهي. هن چيو ته اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين ت??ت چون??ون ٿينديون. چون??ون منعقد ٿيڻ سان ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام ۾ اضافو ٿيندو.