اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ بح??يه جي ڪمانڊ?? ايڊمرل ارجمند تاتيل اوگلو کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سا?? خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر ترڪ بح??يه جي ڪمانڊر کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ??يو. تقريب جي شروعات قومي تراني ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪ سامونڊي فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ ايوان صدر جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.