ڪوئٽه_27 آ??سٽ(اي پي پي) نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي قبائلي اڳواڻن ملاقات ڪئي آهي، ميڊيا آفيس جي جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي قبائلي اڳواڻن جي وفد و??يراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، نگران وزيراعظم سمورن اڳواڻن جو شڪريو اد?? ڪيو ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا، نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪري رهي آهي، نگران حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ بلوچستان جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي، بجلي ، پاڻي ۽ ٻيا سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ان موقعي تي بلوچستان جو نگران گورنر عب??الولي ۽ نگران وڏو وزير علي مردان ڊومڪي پڻ موجود هئا.