??سل??م آباد – 31 – جو??اء?? (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين 6 مختلف دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم هائوس ۾ منعقد صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ شرڪت ڪئي جيڪو هڪ وفد سان گڏ سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه ??ي تقريبن ۾ شرڪت جي ??اء?? پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ٻنهي ملڪن سي پيڪ تي گڏيل تعاون ڪميٽي جي دستاويز تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سي پيڪ جي فريم ورڪ ۾ ايڪسپورٽ ايڪسچ??نج مڪينزم قائم ڪرڻ تي مفاهمت جي ياداشت، پاڪستان ۾ چين کي خشڪ ڳاڙهن مرچن جي برآمد جي ??اء?? فائيٽو سينيٽري جي ضرورتن جي پروٽوڪول ۽ ڪي ڪي ايڇ فيز 2 جي ٻيهر ترتيب جي فزيبلٽي اسٽڊي تي حتمي رپورٽ جي حوالي سان دستاويزن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جڏهن ته ان کانسواءِ پاڪستان ۽ چين سفارتي ذريعن سان صنعتي ڪارڪنن جي مٽاسٽا جي پروگرام سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ايم ايل ون منصوبي کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? هڪ فني ڪميٽي جي ايڪيهين ڪانفرنس جي منٽس تي پڻ صحيحون ڪيون آهن.