اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) عورت پارليامينٽ ميمبر?? جي گروپ وومين ڪاڪس جي انتظام هيٺ ”ڪل جماعتي عورتن جو منشور“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري گول ميز ڪانفرنس شروع ٿي وئي جنهن جو پڄاڻي وارو سيشن سڀاڻي اربع ڏينهن ٿيندو. ڪانفرنس جو بنيادي مقصد پاڪستا?? جي 75 سالا تاريخ ۾ سياسي پارٽين پاران پاڪستان ۾ عورت?? جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ??ي لاءِ انه?? جي ويزن ۽ فريم ورڪ جو تنقيدي جائزو وٺڻ آهي. افتتاحي اجلاس جي صدارت سيڪريٽري ڊبليو پي سي ڊاڪٽر شاهده رحماني ڪئي جنهن کانپوءِ لاڳاپيل ماهر?? جي موجودگي ۾ بريڪ آئوٽ سيشنز ٿيا. سياست، قانون، واپار، تعليم، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي ۽ صحت ۾ عورت?? جي ڪردار کي وڌائڻ ??ي موضوعن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر شاهده رحماني چيو ته پاڪستا?? جي سياسي جدوجهد ۾ پاڪستا?? جي عورتن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. عورتن هر ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عورت سياستدانن جو ڪردار رڳو مخصوص سيٽن تائين محدود نه آهي پر فاطمه جناح، بينظير ڀٽو شهيد ۽ ٻين عورتن آمريت?? جي خلاف ??مهوري جدوجهد جي قيادت ڪئي آهي. پاڪستا?? جي گهٽ نمائندگي واري عورتن کي درپيش مسئل?? جي اعتراف ۾ عورتن جو هي منشور انهن موضوعن ۽ شعبن تي مرڪوز آهي جيڪي عورت?? جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جي لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سيڪريٽري ڊبليو پي سي کانسواءِ ٻين مقررين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چونڊ نظام ۾ عورت?? جي شموليت کي رڳو ووٽنگ تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر سياسي پارٽين کي ا?? جي ميرٽ جي بنياد تي عام چونڊون وڙهڻ جي لاءِ حمايت حاصل هجڻ گهرجي. عورت?? جي سياسي شرڪت کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي پاڪستان ۾ عورتن جو آواز ٻڌڻ ۽ انه?? جي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي. سلطانه صديقي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ثقافت ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ملزوم آهن. هن چيو ته پاڪستا?? جي سمورن ادارن ۾ عورت?? جي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. حنا جيلاني سيشن دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ??ي لاءِ هڪ محفوظ ۽ معاون ماحول جي جوڙجڪ تمام ضروري آهي. صنفي برابري هر معاشري جي مج??وعي ترقي ۽ اڳڀرائي جي لاءِ ضروري آهي. وڌيڪ اهو چيو ويو ته حڪومت، پاليسي ساز، قانوني ماهرن ۽ سول سوسائٽي کي عورت?? جي حق?? جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ گڏيل طور تي موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. ”آل پارٽي وومين ميني فيسٽو“ سيمينار جي عنوان سان هن ٻن ڏينهن واري وومين ميني فيسٽو ايونٽ جو مقصد عورت?? جي لاءِ وبائي مرضن کانپوءِ درپيش چئلينجن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم طور ڪم ڪرڻ آهي ۽ هڪ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ ۽ ٺوس پاليسي?? جي جوڙجڪ ذريعي اڳتي وڌڻ جو رستو ٺاهڻ آهي جيڪو عورتن کي بااختيار بڻائڻ ??ي لاءِ اهم آهي. اهو ڪم هڪ نئين عزم ۽ ڌيان سان ٿيڻ گهرجي. ڊبليو پي سي جو مقصد سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن سياسي اڳواڻ?? جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي آسان بڻائي سگهجي جنهن جو مقصد پاڪستا?? جي عام چونڊن کان اڳ سياسي پارٽي?? جي منشور ۾ عورت?? جي شموليت کي فروغ ڏيڻ آهي.