لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڇنڇر ڏي??هن گورنر هائوس لاهور ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن ۽ مشهو?? ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪومت جي پاليسين جي حوالي سان چيمبر جي ميمبرن کي ا??تم??د ۾ وٺندو. وزيراعظم چيمبر جي ميمبرن ۽ مشهو?? ڪاروباري شخصيتن جون تجويزون به ٻڌندو. بعد ۾ وزيراعظم جهنگ جو به دورو ڪندو. وزيراعظم جهنگ ۾ 1244 ميگاواٽ حويلي بهادر ش??هه پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو. حويلي بهادر ش??هه پاور پلانٽ ساليانو 10 ارب يونتن مان 25 لک گهرن کي روشن ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.