اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ??مي??ي 14 مهينن جي مختصر مدي ۾ اڻٿڪ محنت سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگ?? کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي بحالي جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ??مي??ي جو اجلاس ??مي??ي جي چيئرپرسن قومي اسيمبلي ميمبر جويريه ظفر آهير جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ??مي??ي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي 14 مهينن جي مختصر مدي ۾ اڻٿڪ محنت سان پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگ?? کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي بحالي جي ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??مي???? کي ٻڌ??يو ته پاڪستان ٽيليويزن جي سمورن ملازمن کي ريگيولر ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي وي اسلام آباد ۾ فلم ڊويزن قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزارت پي ٽي وي ورچوئل اسٽوڊيو پڻ قائم ڪيو آهي. هن اسٽينڊنگ ??مي???? کي پي ٽي وي ورچوئل اسٽوڊيو جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌ??يو ته پي ٽي وي اڪيڊم?? کي اپ گ??يڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان جا ڪورسز 25 جولاءِ کان شروع ٿي رهيا آهن. هن ??مي???? کي ٻڌ??يو ته ورڪنگ جرنلسٽس جي لاءِ هڪ ارب رپين جي هيلٿ انشورنس شروع ڪئي وئي اهي، اهڙي طرح آرٽسٽن جي لاءِ به هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ 12 نوان اسٽوڊيوز شروع ڪيا ويا آهن ۽ ريڊيو پاڪستان جي سمورن آرڪائيوز کي ڊيجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگهارن، الائونسز ۽ پينشنز جي عدم ادائيگي جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ??مي???? کي ٻڌ??يو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي پينشنرز کي مسئلا درپيش هئا، حڪومت موجوده بجيٽ ۾ مناسب بجيٽ گرانٽ جاري ڪئي آهي جنهن سان انهن جون مالي ضرورتون پوريون ٿي رهيون آهن. وڌيڪ اهو ته پي بي سي جي ملازمن ۽ پينشنرز کي سموريون رهتون پڻ ادا ڪري ڇڏيون آهن. اجلاس دوران ??مي??ي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير چيو ته صحافت ۾ اخلاقيات هڪ تمام ضروري عنصر آهي ۽ واقعن بابت ڪنهن به خبر کي صحيح رپورٽ ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ سٺي اڳڀرائي آهي ته پيمرا ايڪٽ 2002ع ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن جنهن سان پيمرا وڌيڪ بااختيار ٿيندو. انسپيڪٽر جنرل پوليس آءِ سي ٽي اسلام آباد ??مي???? کي ٻڌ??يو ته اسلام آباد پوليس سمورن ڪيسن ۾ صحافين کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ ڪيترائي ڪيس سي آءِ ا?? کي موڪليا ويا آهن. هن چيو ته اسلام آباد جي صحافينجي لاءِ هڪ واٽس ايپ گروپ جوڙيو ويو آهي جتي اهي پنهنجي مسئلن بابت ٻڌ??ئي سگهن ٿا جن کي فوري طور تي حل ڪيو ويندو. بعد ۾ ??مي??ي حڪومتي بل ”دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز (ترميمي) بل 2023ع“، ”دي پريس، نيوز پيپرز، نيوز ايجنسيز ۽ بڪ رجسٽريشن (ترميمي) بل 2023ع“ تي غور ڪيو ۽ معمولي ترميمن سان ان کي منظور ڪري ورتو. ??مي??ي وڌيڪ قانونسازي ملتوي ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ ان تي غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کانسواءِ اجلاس ۾ ??مي??ي جي ميمبرن/ قومي اسيمبلي ميمبرن زيب جعفر، ڪرن عمران ڊار، ذوالفقار علي، ناز بلوچ، ڊاڪٽر شازيه ثوبيه اسلم سومرو، ناصر خان موسيٰ زئي ۽ آسيه عظيم، بلن جي محرڪين قومي اسيمبلي ميمبرن مولانا عبدالاڪبر چترالي ۽ محمد جمال الدين شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ گهرو وزارت جا سينيئر آفيسر، اسلام آباد پوليس، ايف آءِ اي?? پيمرا?? پي بي سي?? پي آءِ ڊي جا نمائندا پڻ ان موقعي تي موجود هئا.