لاهور-01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته عيدالاصحيٰ تي پاڪستان ??ي سمورن وڏن شهرن خاص ڪري لاهور ۾ صفائي س??رائي جي بهترين انتظامن عيوض ماڻهن ??ي سنت ابراهيمي جي انجام دهي احسن طريقي ۽ بنا ڪنهن ڏکيائي جي ممڪن ٿي سگهي، سڄي پاڪستان ۾ ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپنين خاص ڪري لاهور ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپني، وزيراعليٰ، چيف سيڪريٽريز ۽ ضلعي انتظا??يه جو اهو عمل ساراهه جوڳو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مان سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپنين ۽ انتظا??يه جي اهلڪارن کي به خاص طور تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن قرباني واري عيد تي پنهنجي پيارن کان پري رهي، فرضن جي ادائيگي ۾ پنهنجو وقت گذاريو ۽ پنهنجي شهرن کي گندگي کان پاڪ رکيو، آئون پاڪستان جي عوام جو به شڪر گذار آهيان جن انتظا??يه جي آواز تي لبيڪ چيو ۽ انهن جي تعاون سان اهو سڀ ممڪن ٿيو.