منيٰ-30 جون (اي پي پي) مذ??بي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪري انتظامن جي حوالي سان حج پانڌيئڙن جي خدشن کان آگاهه ڪيو. رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين معاملن تي لاڳاپيل معلم سامهون خدشا رکيا. حج پانڌيئڙ?? کي منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه ۾ پيش مسئلن جي معاملي تي وفاقي وزير طلحه محمود سيڪريٽري مذ??بي معاملا، سعوديه ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ ڊي جي حج سان گڏ حجاج ڪرام سان ملاقاتون ڪيون. وفاقي وزير حجاج ڪرام جي مسئل?? کي ٻُڌي معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪيو. طلحه محمود حجاج ڪرام سان گڏ معلم کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. معلم ۽ حجاج سان گڏ مختلف ڪيمپس جو دؤرو ڪيو. وفاقي وزير رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين معاملن سميت معلم آڏو خدشا رکيا. طلحه محمود چيو ته پاڪستاني ع??ت ۽ محبت وارا ماڻهو آهن. منيٰ ۾ پاڪستانين جي ع??ت نفس کي مجروح ڪيو ويو. پاڪستاني حج پانڏيئڙ?? کي منيٰ ۾ رهائش، کاڌي بابت شديد خدشا آهن. مان پاڪستانين جو نمائندو آهيان، پاڪستان جي حج پانڌيئڙ?? کي درپيش مشڪلاتن سان شديد ڏُک ٿيو آهي. طلحه محمود معلم کي هدايت ڪئي ته هو پاڪستاني حج پانڌيئڙ?? کي منيٰ ۾ رهائش فراهم نه ڪئي هئي انهن جا پئسا واپس ڪيا وڃن.