اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پنهنجي فرانس جي سرڪاري دوري جي لاءِ اسلام آباد کان پيرس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراه?? اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سربراه?? اجلاس پائيدار ترقي، توانائي جي متبادل ۽ قابل تجديد ذريعن، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقبل ۾ عالمي مالياتي نظام ۾ تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاورت جو فورم ثابت ٿيندو. وزيراعظم سربراه?? اجلاس ۾ پاڪستان جي جي – 77 ۾ اهم ميمبر ۽ موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ جي سربراهه طور خطاب ڪندو. وزيراعظم پيرس ۾ سربراه?? اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.