اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوامي ر??ليف ۽ سرڪاري ملازمن جي لاءِ خوشخبري سان گڏوگڏ نوجوانن جي لاءِ آءِ ٽي، زراعت، بزنس، ايڪسپورٽ ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ وڏو ريليف ملندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان غيررسمي ??الهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي اها حڪومت آهي جيڪا رڳو عوام جي ر??ليف ۽ ترقي جو سوچي ٿي، بدحالي کان خوشحالي ۽ بحالي جو سفر هوندو. هن چيو ته عوام ڏسندي ته گذريل چار س??لا بدحالي جو سفر ڪيئن معاشي استحڪام ۽ ترقي ۾ تبديل ٿئي ٿو. هن چيو ته گذريل بجيٽ ۾ اسان جيڪو رخ ترتيب ڏنو هو، هڪ فتني ان تي به حملي جي ڪو??ش ڪئي پر هو ناڪام رهيو. هن چيو ته بجيٽ ۾ عوامي ر??ليف ۽ سرڪاري ملازمن جي لاءِ خوشخبري سان گڏوگڏ نوجوانن جي لاءِ آءِ ٽي شعبي، زراعت، بزنس مين، ايڪسپورٽ ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ وڏو ريليف ملندو. هن چيو ته چار س??لن جي نااهلي، نالائقي، چوري، ڪرپشن ۽ معيشت جي تباهي جي ڪري مايوسي پکڙي، 2013ع ۾ جهڙي طرح معيشت کي سڌي رستي تي آندو هو انهي رخ جي تعين جي ڪو??ش آهي.