اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ قومي زندگي جو محور بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي، آئين جي روشني ۾ جوڙيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي 50 هين ??الگرهه جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ قوم 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي رهي آهي?? هي هڪ مقدس دستاويز آهي جنهن گذريل اڌ صديءَ دوران ڪيترن ئي طوفانن کي منهن ڏيندي وفاق کي متحد رکيو. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي آئين جي خالقن کي انهن جي سياسي دورانديشي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته 1973ع جي آئين ??و اسان جو قومي ڪردار، سڃاڻپ ۽ مستقبل جي لاءِ رستو مقرر ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي قومي زندگي جو محور بڻايو وڃي ۽ آ??ين جي روشني ۾ ٺاهيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.