ل??هو?? – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم جي شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندڙ يونيورسٽي آف ايجوڪيشن ل??هو?? جي وائيس چانسلر ۽ ملڪ جي ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طلع?? نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪيو. ترجمان موجب گذريل سال ملڪ جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علو?? سائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم جي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي پروفيسر ڊاڪٽر طلع?? نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عملدرآمد گذريل ڏينهن 23 مارچ 2023ع تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب دوران ڪيو ويو. ترجمان موجب پروفيسر ڊاڪٽر طلع?? نصير پاشا ??ي ان کان اڳ 2015ع ۾ ويٽرنر?? سائنسز جي شعبي ۾ بهترين خدمتن تي ستاره امتياز ۽ 2009ع ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ عطا ڪيو ويو آهي. درس ۽ تدريس ۽ انتظامي شعبي ۾ 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ جو تجربو رکندڙ ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طلع?? نصير پاشا کي ملندڙ هن ايوارڊ تي سڄي ملڪ جي تعليمي ۽ انتظامي ڌُرين خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان موجب يونيورسٽي آف ايجوڪيشن ل??هو?? جي استادن، اسٽاف ۽ شاگردن پڻ اداري جي سربراهه ??ي ان اهم ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.