اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چترال ۾ لوڊشيڊنگ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن، چترال جي عوام کي وڌيڪ اونداهين ۾ نه ٿا رکي سگهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ چترال ۾ بجلي ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاور واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، پاور واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چترال مان نويد ??لر??مان، شهزاده افتخارالدين، عبدالولي خان، نياز احمد، شوڪت ملڪ، محمد وسيم، حاجي غفار خان، اسفند يار خان، منير احمد، منظور احمد، عمران الملڪ، محب ??لر??مان، سلامت خان، جاويد وزير، طار?? نصير، محمد اعظم خان، ظفر حيات، مولانا عبد??لر??مان، انعام الله، رحمت ولي شاهه ۽ خواجه راجا امان الله شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي چترال ۾ لوڊشيڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جا ٻوڏ دوران چترال جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چترال جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن ک?? فوري طور تي قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چترال جي بجلي جي مسئلن جي حل ۾ وڌيڪ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندس. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي وارو وزير ۽ پاور وارو سيڪريٽري پشاور ۾ ان تي اجلاس ڪري جلد مون کي رپورٽ ڏين. چترال ۾ بجلي جي فرسوده پهچ نظام کي تبديل ڪر?? فوري طور تي جديد سسٽم لڳايو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاور واري وزارت خيبرپختونخواهه انرجي ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن سان گڏج?? فوري حڪمت عملي طئي ڪري. چترال ۾ ترقياتي منصوبن ۽ حڪومتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائ?? وڃي. وزيراعظم چيو ته چترال ۾ انفراسٽرڪچر جي مسئلن ک?? فوري حل ڪيو وڃي، ٻوڏ سٽيلن کي ملندڙ امداد ت?? فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئ?? وڃي. پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.