ڊيووس-20 جنوري (اي پي پي) م??حو??ياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت م??حو??ياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، پاڪستان م??حو??ياتي تبديليءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي م??حو?? جي تحفظ ۽ بحاليءَ جي منصوبن جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مول متن ۽ قدرتي م??حو?? ۽ پاڻي وسيلن جي بحاليءَ جي حوالي سان ان جي فائدن جي باري ۾ پريزينٽشن ڏني. سينيٽر شيري رحمان پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ نئين سر بحاليءَ جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان سلسلي ۾ عالمي برادريءَ جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته م??حو??ياتي تبديلي جي اثرن سبب پيدا ٿيل مسئلن کي مُنهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان م??حو??ياتي تبديليءَ جي سببن جو ذميدار ناهي پر ان جي باوجود ان جي ناڪاري اث??ن جو شڪار آهي. پاڪستان م??حو??ياتي تبديلي جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ قدرتي م??حو?? جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ عال??ي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن م??حو??ياتي لحاظ کان پائيداريت جي حاصلات جي ذريعي قدرتي آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.