اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خاطري ڪرائي آهي ته پا??ست??ن آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪا??يا??ي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پا??ست??ن ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان مشڪل وقت ۾ پا??ست??ن جي مدد جو عزم ڪيو. وزيراعظم ٻوڏ جي نقصانن تي همدردي ۽ افسوس تي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي جا ٿورا مڃيندي جنيوا ۾ 9 جنوري تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي وزيراعظم پاران ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيندي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آءِ ايم ايف جي بورڊ ??و 9 ۽ 10 جنوري تي اجلاس اڳ ۾ طئي ٿيل آهي ان لاءِ هو ورڇوئل طور ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگهندي. وزيراعظم ايم ڊي فنڊ کي خاطري ڪرائي ته پا??ست??ن آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪا??يا??ي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم پا??ست??ن کي درويش چئلينجز جي ادراڪ ۽ همدردي تي ايم ڊي جا ٿورا مڃيا.