اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن بلوچستان جي ضل??ي صحبت پور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ جاري ڪوششن تي بريفنگ ڏيندو. ان موقعي تي وزيراعظم صحبت پور ۾ ٻ??ڏ کان متاثر ٿيندڙ گورنمينٽ بو??ئز سيڪنڊري اسڪول ڪلي جياخان جي نئين عمارت جو افتتاح ڪ??دو. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن جو احوال ڄاڻڻ ۽ انهن جي دل جوئي ڪرڻ جي لاءِ انهن سان ملاقات پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن ۽ مقامي نمائندن کي خطاب ڪندو.