اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي نالي وانگر بينظير هئي، هن مُشڪل حالتن ۾ به هڪ بهادر ڌيءَ، ماءُ، گهرواريءَ ۽ ڀيڻ جا رشتا وڏي خوب?? ۽ ??رئت سان نڀايا، بينظير ڀٽو سياست ۾ تدبر، بهادر?? ۽ ??دوجهد جو روشن مثال آهي، هوءَ آخري ساهه تائين وفاق جي زنجير بڻجي پاڪستان جي اتحاد، ترق?? ۽ ??وشحالي جي لاءِ سرپيڪار رهي. بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بينظير ڀٽو عورت سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ تحريڪ جو درجو رکندي هئي جنهن سدائين آمريت کي للڪاريو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ذاتي زندگي ۾ به ڏک برداشت ڪيا پر مشڪلاتن ان جي سياس?? ۽ ??مهوري جدوجهد ??ي وڌيڪ طاقتور بڻائينديون ويون. آئين، پارليامينٽ، جمهوريت، عوامي حقن ۽ سماجي بهتري جي لاءِ بينظير ڀٽو شهيد جي جدوجهد سدائين ياد ر??ي وين??ي، سندس شهادت پاڪستان جو تمام وڏو نقصان هو جنهن کي قوم ڪڏهن وساري نه سگهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جي ڏينهن تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻي پاڪستان جي اتحاد ??ي وڌيڪ مضبوط بڻايو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه ڀٽو سميت سمورن گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جم??ل ڏي.