اسلام ??باد– 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان پاران سينئر صح??فين حامد مير، مرتضيٰ سولنگي ۽ وقار ستي کي وزير آباد سانحي ۾ ملوٽ ڪرڻ جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان سياست ڪري، فساد، فتنو ۽ انتشار نه پکيڙي، ??ڪومت ۾ رهي هن صح??فين تي حملا ڪيا ۽ هاڻي صح??فين تي ڪيس ٺا??ي رهيا آهن. عمران خان سياست ڪري، ??حافين جي جان کي خطري ۾ نه وجهي. پنهنجي بيان هن چيو ته لاشن تي سياست، صح??فت تي سياست، عمران خان کي سياسي مخالفن سان گڏ سياسي جنگ وڙهڻ ئي نه ٿي اچي. سياسي مخالفن سان سياسي مخالفت ڪريو، ملڪ دشمني ته نه ڪريو. هن چيو ته جيڪو توهان جي خلاف ڳالهه ڪري اهو توهان جو دشمن آهي، عمران خان ٽنهي صح??فين جا نالا وٺي انهن جي جان خطري ۾ وڌي جنهن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پورو پاڪستان فارن فنڊيڊ فتني جي ڪو??، الزامن ۽ فساد جو شڪار آهي، ??قتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پوري ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، عمران خان ملڪ کي باهه لڳائي، ??ت وهائي ۽ لاش ڪيرائي ڇا ٿو ڪرڻ چاهي. هن چيو ته صح??في سوال پڇن ته دشمن، ايف آءِ اي، ??ليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سوال پڇي ته دشمن. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو اڄ تائين پنهنجي خلاف ڪنهن قانوني ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيو.