اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خا?? اعتراف ڪري ورتو آهي ته هو ملڪ ۾ مارشل لاء لڳرائڻ چاهي ٿو، هو کلي عام پاڪ فوج کي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خا?? جي بيان تي ردعمل ۾ هن چيو ته هڪ طرف ادب، ٻئي طرف گار، دماغ جي خرابي ۽ فرسٽريشن آهي، ٻه هزار ماڻهو 22 ڪروڙ عوام ناهن هوندا. هن چيو ته عمران خا?? اعتراف ڪري ورتو آهي ته هو ملڪ ۾ بلڊ شيڊ سان انقلاب آڻڻ چاهي ٿو. هن سوال ڪيو ته بندوق سان انقلاب آڻڻ جو ماسٽر مائنڊ ڪنهن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن ف??ڊيڊ فتني ۽ توشه خا??ه چور جي مقدر ۾ ذلت ۽ رسوائي لکجي چڪي آهي. هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو هو ته اسان غيرضروري سچ نه ٿا ڳالهائڻ چاهيون، ذلت هاڻي رڳو فارن ف??ڊيڊ فتني جي ٿيندي جنهن آرمي چيف کي پنهنجو اقتدار ب??ائڻ جي لاءِ تاحيات توسيع ڏيڻ جي آڇ ڪئي. هن چيو ته ڪنهن جي چوڻ تي فارن ف??ڊيڊ فتني پوري پاڪستان کي چور ب??ائي ڇڏيو؟ هن چيو ته فارن ف??ڊيڊ فتنو تمام گهڻو بزدل شخص آهي جيڪو رڳو ڀڀڪيون هڻي رهيو آهي. آهي.