اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، دنيا کي ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ت?? 27 ??ڪٽوبر جو ڏ??نهن ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. 1947ع ۾ ان ڏينهن ڀارت ڄمون ۽ ڪ??مير تي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ زبردستي قبضو ڪيو هو، هي ڏينهن ڪشميرين جي بي مثال حوصلي ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهي، جيڪو انهن گذريل 75 سالن دوران ڀارتي قابض فوج جو ڄمي مقابلو ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستاني عوام ڪشميرين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهن جو عزم ڪري ٿي. دنيا کي ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن جيڪو هڪ وڏو فوجي علائقو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي آزادي جي خواهش کي وڌيڪ دير تائين دٻائي نه ٿو سگهجي.